محمد هاشم چانهيو

محمد هاشم چانهيو

چانهيو محمد هاشم

چانهيو، محمد هاشم: استاد، فنڪار، وڪيل ۽ سياستدان محمد هاشم چانهيو، 1930ع ڌاري ٽنڊي آدم ۾ ڄائو. هن جو شمار سنڌ جي بهترين استادن ۾ ٿيندو هو. محمد هاسم چانهيو اسلاميه ڪاليج هالا، سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۽ نيو عليڳڙهه ڪاليج ٽنڊي آدم ۾ پروفيسر رهيو. پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر اڳواڻ مخدوم امين فهيم، استاد وزير علي خان ۽ ڏاڏا فيض علي شاهه سندس شاگرد رهيا آهن. استاد محمد هاشم ڪجهه عرصو سياست سان به لاڳاپيل رهيو ۽ پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي سٽي ٽنڊي آدم جو پهريون صدر ٿيو. سندس سياسي ويجهڙائپ ڄام صادق عليءَ سان هئي. ڄام صادق عليءَ جي وڏ وزارت دوران اُستاد محمد هاشم سندس پوليٽيڪل سيڪريٽري به رهيو. ان کان سواءِ محمد هاشم چانهيو ناليوارو فلمي اداڪار به هو. هن سنڌي فلمن: ’پرو چانڊيو‘ ۽ ’شهيد‘ سميت شاهه اسد جي تيار ڪيل وڊيو فلم ’شاگرد‘ ۾ اداڪـاريءَ جـا جوهر ڏيکاريا. محمد هاشم چانهيي، 70 سالن جي ڄمار ۾ 11 آگسٽ 2000ع ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان سيد اسماعيل شاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2000.08.11  عيسوي

محمد هاشم چانهيي، 70 سالن جي ڄمار ۾ 11 آگسٽ 2000ع ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان سيد اسماعيل شاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهاول خان عباسي2
جوزف اسٽالن
پير نظام الدين سرهندي
ٻلديو نندلال ڪالرو
سنگهار
سنت ماڌو داس
ايس اين ڦيرواڻي پروفيسر
عبدالستار سمو
سونت مرلن ووز Marilyn Vos Savant
طارق احمد ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون